ڄام نظام الدين جو مقبرو

ڄام نظام الدين جو مقبرو

ڄام نظام الدين جو مقبرو

ڄام نظام الدين جو مقبرو: مشهور سـمـي حـاڪـم ڄـام نندي عرف ڄام نظام الدين جو هيءُ مقبرو سيد علي شيرازيءَ جي مقبري واري ميڙ جي ڀر ۾ اترئين پاسي مڪليءَ تي واقع آهي. هيءُ مقبرو پٿر جي وڏين ڀتين سان کنيل آهي. مقبري جي ماپ ويڪر ۾ 37 فوٽ هم چورس آهي. ٽن پاسن کان دروازا اٿس، جيڪي اتر، ڏکڻ ۽ اولهه ۾ آهن. محراب ماپ ۾ 10.9 فوٽ اوچو ۽ 4.3 فوٽ ويڪرو آهي. ساڍا ڇهه فوٽ اونهو آهي. موجوده وقت ۾ صرف اولاهون لنگهه، جيڪو ڏاکڻي واڌواڙي سان جڙيل آهي، اهو کليل آهي. باقي اتر وارو لنگهه پٿر جي ڪم سان بند ڪيو ويو آهي. ڏکڻ وارو لنگهه يا دروازي جو اڌ پڻ پٿر ڪمائي بند ڪيو ويو آهي. ڀتيون مٿي ٿولهه ۾ گهٽبيون وڃن ٿيون ۽ وچ ۾ هڪ وڏو هال يا حجرو، جنهن جي وچ ۾ چار قبرون آهن، جن مان ٽي قبرون ٻارن جون آهن. باقي هڪ ڪـٽهـڙي ۽ اوڀـر واري لـنگهه وٽ ڄـام نـظـام الدين جي قبر آهي. سندس مقبري جي تعمير ۾ مختلف اڏاوتي طرزن کي هڪ ٻئي سان ملائي، اهڙيءَ طرح پيوست ڪيو ويو آهي، جو تعمير جي تاريخ ۾ هيءُ مقبرو هڪ يگانو نمونو ۽ هڪ غير معمولي مثال بنجي پيو آهي. هن مقبري جي بناوت ۾ گجراتي، هندو، اسلامي ۽ خالص سنڌي طرزن کي گڏي انهن جي وڻندڙ امتزاج مان، هڪ غير معمولي شاهڪار تخليق ڪيو ويو آهي. مهاڙي واري ديوار ۾ بدڪن جي قطار، سورج مکي ۽ ڪنول گل جي سٽا، جهروڪن جا وڌواڙا، ۽ انهن جا پاوا، اڳ واري ٻاهر نڪتل حصي جي سموري سنجٽ ۽ ٻانهيون توڙي داخلي دروازي جي چوڪور ساخت، گجراتي، خواهه هندي فن عمارت سازيءَ جي اثر هيٺ آهي.
ڄام نظام الدين جي مقبري تي يا ٻين سمن جي چوڪنڊين ۽ مقبرن تي انهن جي گنبذن ۽ پيلپاون تي، گجراتي ۽ هندي اثر جو نمايان سبب گجرات ۽ سنڌ جي پاڻ ۾ همسايگي آمد ورفت ۽ سمن جي مٽي مائٽي به آهي. جنهنڪري سنڌ تي نه صرف گجراتي ثقافت جو اثر رهيو، پر مٽي مائٽيءَ جي ڪري ناتا به ڏاڍا مضبوط رهيا.
سلطان نظام الدين جي روضي جي اترئين طرف بند ٿيل دروازي جي مٿئين سر در تي جيڪو ڪتبو اُڪريل آهي، انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته سلطان جي وفات بعد، ڄام فيروز سن 915هه ۾ اهو مقبرو ٺهرائڻ شروع ڪيو. ظاهر آهي ته تعمير مڪمل ٿي نه سگهي. ڇاڪاڻ ته ستت ئي تخت ۽ تاج تان خانداني وڳوڙ شروع ٿي ويا، جنهنڪري سڀ ڪم بند ٿي ويا. اهو سبب ٿيو جو نه گنبذ ٺهيو نه عمارت جو رٿيل نقشو مڪمل ٿيو. ڄام فيروز الهڙ جوان هو، ان لاءِ اهو گمان غالب آهي ته دريا خان عرف مبارڪ خان جو عقل ۽ فهم هن مقبري تي عامل رهيو هوندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو